مانسهره ويجهو جيپ کڏ ۾ ڪري پئي، هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڄڻا فوت

مانسهره (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مانسهره ويجهو جيپ کڏ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. بلاڪوٽ کان سنگ جوڙ ويندڙ مسافر جيپ مانسهره ويجهو ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب کاهي ۾ ڪري پئي. حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي ٻن عورتن سميت 8 ڀاتي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. اطلاع ملڻ تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال کڻائي وئي، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *