مانسهره ويجهو آرمي جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه، 9 ڄڻا اجل جو شڪار

مانسهره(مانيٽرنگ ڊيسڪ) مانسهره ويجهو آرمي ايوي ايشن جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، ذريعن مطابق مانسهره جي لسان نواب واري علائقي ۾ ارمي ايوي ايشن جو هيليڪاپٽر ايم آئي 17 ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جيڪو راولپنڊي کان گلگت وڃي رهيو هو، هيليڪاپٽر ڪرڻ کانپوءِ وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ ان ۾ باهه لڳي وئي، مانسهره جي ڊي پي او نجيب الرحمان هيليڪاپٽر ڪرڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته حادثي جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن،اطلاع ملڻ تي پوليس،سيڪيورٽي ادارا ۽ امدادي ٽيمون حادثي واري هنڌ روانيون ٿي ويون آهن. ڊپٽِي ڪمشنر عامر خٽم موجب حادثي بعد اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *