مانجھند ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثو، 15 کان وڌيڪ مسافر فوت

مانجهند(م.د) مانجهند ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 15 مسافر فوت ۽ 7 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ مسافر وين ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، نتيجي ۾ وين تباهه ٿي وئي، حادثي ۾ ٻن عورتن سميت 15 ڄڻا فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي ۾ مسافر وين جو ڊرائيور بشير سولنگي به اجل جو شڪار ٿي ويو، جڏهن ته فوتين توڙي زخمين کي مانجهند سميت مختلف اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ عاشق ڪلھوڙو، معشوق ڪلهوڙو، الطاف سولنگي، راهب سولنگي، شفيق ڪلهوڙو، ساجد سولنگي، شڪيل ڪلهوڙو ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، ڊي سي ڄامشورو موجب حادثي جو شڪار ٽرڪ سيوهڻ کان حيدرآباد ۽ وين ڪنڊيارو کان ڪراچي  پئي ويون، حادثي ۾ 15 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *