مالڪ بلوچ جي شهباز شريف سان ملاقات، صوبائي ڀائيچاري ۽ ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

لاهور (م.ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، صوبائي ڀائيچاري ۽ ملڪ جي سياسي توڙي سيڪيورٽي واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته اسان سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، جنهن لاءِ صوبن وچ ۾ ڀا؟يچاري جي ماحول کي وڌيڪ هٿي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اسان پنجاب ۾ تعليمي پروگرامن ۾ ٻين صوبن جي شاگردن کي به شامل ڪيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت جي قدمن سان قومي ايڪي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *