مالي ۽ انتظامي بي ضابطگين سبب نندي پور پاور پراجيڪٽ چرچو بڻجي ويو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته مالي ۽ انتظامي بي ضابطگين سبب نندي پور پاور پراجيڪٽ چرچو بڻجي ويو آهي.هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت پنهنجي پسند جي ماڻهو کي نندي پور رٿا جو ايم ڊي بڻايو،پوءِ ان کي تمغائي امتيز ۽ واڌو الائونس سان نوازيو ويو. مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته هاڻي ان ئي آفيسر کي نااهل چئي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي. حڪمرانن جي پسند ۽ ناپسند سبب عوام اوندهه جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهي آهي. ٽيڪنيڪي عهدن تي مقرري جو معيار پنهنجو ماڻهو هجڻ بدران ميرٽ هجڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *