مافيا حڪومت کي پالي رهي آهي، حڪومت اُن جو ڇا بگاڙيندي؟: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد ڪراچي مان هر قسم جا بل بورڊز ۽ سائن بورڊز هٽائڻ جو حڪم ڏيندي شهر جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪراچي کي ٺاهيندڙ ڪير به ناهي، ماڻهو ايندا آهن کيسا ڀري هليا ويندا آهن، شهر جي لاءِ ڪير به ڪجهه به نٿو ڪري، مون کي ته لڳي ٿو ڪراچي جي ماڻهن سان دشمني آهي، هن شهر سان سنڌ حڪومت ۽ لوڪل باڊي (مقامي نمائندن) جي به دشمني آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ شهر قائد ۾ بل بورڊز بابت توهين عدالت جي ٻڌڻي ڪئي جتي ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سميت مختلف مسئلن ۽ شهر جي صورتحال جا ٻيا معاملا به غور هيٺ آيا جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو. ٻڌڻي دوران بلديات واري سيڪريٽري روشن شيخ، ايم ڊي واٽر بورڊ، ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪمشنر ڊاڪٽي سيف الرحمان ۽ بلديات واري کاتي جا ٻيا آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيا. ان کان سواءِ ڪراچي جو ميئر وسيم اختر ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاهه به عدالت پهتو جڏهن ته شهر ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي عدالت ايم ڊي ڪي اليڪٽرڪ کي به فوري طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي جي آغاز ۾ ئي شهر قائد ۾ بل بورڊز جو معاملو سامهون آيو، جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو. خيال رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ٿيل مينهن دوران هڪ بل بورڊ موٽر سائيڪل سوارن تي اچي ڪِريو جنهن سان هو زخمي ٿي پيا هئا. اڄ ٿيل ٻڌڻي دوران ڪمشنر ڪراچي طرفان هڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته ان معاملي تي اسان ڪيس داخل ڪيو آهي. چيف جسٽس پڇيو ته بل بورڊ ڪنهن لڳايا هئا، جنهن تي سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس (ايس ايس پي) ڏکڻ شيراز نذير ٻڌايو ته ٻن جوابدارن اشرف موتي والا ۽ ٻين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي ڳولها جاري آهي. ان تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جيڪو ڪيس داخل ٿيو آهي، ان جي 5 سالن تائين جاچ هلندي رهندي. گڏوگڏ ئي چيف جسٽس پڇيو ته ڇا هو سمنڊ جي هيٺ هليو ويو آهي، عدالت ۾ فضول ڳالهيون نه ڪيو وڃو ۽ اڌ ڪلاڪ ۾ هن کي ڳولهي هٿ ڪيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سڄي شهر ۾ بل بورڊ لڳل آهن، هاءِ جاءِ تي توهان کي بل بورڊ نظر ايندا، جيڪڏهن اِهي بل بورڊ ڪري پيا ته گهڻو نقصان ٿيندو، جنهن تي ڊي ايم سي جي وڪيل چيو ته ماڻهو پنهنجي گهرن تي بل بورڊ لڳائيندا آهن. جنهن تي بينچ جي ميمبر جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته گذريل 5 سالن جي جاچ ڪرايون ٿا ته ڪنهن بل بورڊ لڳرايا. گڏوگڏ ئي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عمارتن تي ايترا بل بورڊ لڳل آهن جو کڙڪيون ئي بند ٿي ويون آهن جڏهن ته گهرن تي اشتهارن ۽ بل بورڊ جي ڪري هوا ئي بند ٿي وئي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي ته قانون جي ڀڃڪڙي آهي، حڪومت نالي جي ڪا شئي ناهي، هر ماڻهو پاڻ مارشل لا بڻيو ويٺو آهي، سنڌ حڪومت جي رٽ ڇا تي آهي، سنڌ جو وڏو وزير هيليڪاپٽر تي ويندو آهي، گهمي واپس ايندو آهي، ماڻهن جي موت جو ذميوار ڪير آهي. هن چيو ته شهر ۾ صفائي جو ذميوار ڪير آهي، گڏوگڏ ئي چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪير آهي جيڪو هن شهر کي صاف ڪري، توهان جي اچ وڃ اُن جاءِ تان آهي جتان شهر صاف هوندو آهي. چيف جسٽس چيو ته ٻار گٽر جي پاڻي ۾ روز پيا ٻڏن، منهنجي گاڏي جو ٽائر به گٽر ۾ هليو ويو هو، هي به توهان جو شهر آهي، مون کي ته لڳي ٿو ڪراچي وارن سان دشمني آهي، هن شهر سان سنڌ حڪومت ۽ لوڪل باڊي (مقامي نمائندن) جي به دشمني آهي. هن چيو ته ڪراچي ميئر چوي ٿو ته مون وٽ اختيار ناهن، جيڪڏهن اختيار ناهن ته گهر وڃو ڇو ميئر بڻجا ويٺا هو، گڏوگڏ ئي چيف جسٽس ڪراچي ميئر کان پڇيو ته توهان ڪڏهن ويندا، جنهن تي وسيم اختر چيو ته 28 آگسٽ تي مدو ختم ٿيندو، ان تي چيف جسٽس اِهي ريمارڪس ڏنا ته وڃو ته هن شهر جي جند ڇٽي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي جي ميئرز شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي کي بڻائڻ وارو ڪير به ناهي، ماڻهو ايندا آهن کيسا ڀري هليا ويندا آهن، شهر جي لاءِ ڪير به ڪجهه ناهي ڪندو. بل بورڊز بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس ادارن جي ناقص ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته سڀ کان وڌيڪ بل بورڊز رهائشي عمارتن تي لڳل آهن، توهان شهر جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڪير به ڪراچي جي معاملي تي سنجيده ناهي. چيف جسٽس چيو ته مافيا حڪومتن کي پالي رهي آهي، حڪومتون ان مافياز جو ڇا بگاڙينديون، جيڪڏهن ڪجهه ڪيو ته حڪومتن جو داڻو پاڻي بند ٿي ويندو. گڏوگڏ ئي هن ڪراچي ۾ بجلي جي ورڇ وارين ڪمپنين تي به ڪاوڙ جوا ظهار ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارا به هتي مزا ڪري رهيا آهن، بجلي وارن ٻاهر جو قرض ڪراچي مان ڪڍيو آهي. چيف جسٽس چيو ته شهر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جاري آهي، ڪي اليڪٽرڪ جو سربراهه ڪٿي آهي؟ شهر ۾ بجلي جي پهچ وارو نظام خراب ٿي چڪو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارا پاڻ کي ائين پيش ڪندا آهن ڄڻ عوام جي وڏي خدمت پيا ڪن. هن چيو ته شهر ۾ جاري لوڊشيڊنگ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل فوتگين جو ذميوار ڪير آهي، سي اي اي ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف ڪيس بڻجڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻو پوندو. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ڪراچي جي ڪمشنر ٻڌايو ته ماڻهو پرائيويٽ (خانگي) عمارتن تي سائن بورڊ لڳائي رکيا آهن، ان تي چيف جسٽس چيو ته عمارت جي چئني پاسن تي بل بورڊز ۽ سائن بورڊز هنيا ويا. بعد ۾ عدالت ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ ڪراچي مان هر قسم جا بورڊ بل بورڊ لاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، گڏوگڏ ئي اِهو واضح ڪيو ته سمورين پرائيويٽ پراپرٽيز تان به بل بورڊز کي هٽايو وڃي. عدالت سڄي شهر ۾ بل بورڊ ۽ سائن بورڊ هٽائڻ جو حڪم ڏيندي ڪمشنر ڪراچي کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته توهان بااختيار آهيو، ڪارروائي ڪري سمورا سائن بورڊ هٽايو. چيف جسٽس چيو ته سمورن سرڪاي ماڳن تان بل بورڊز ۽ سائن بورڊ هٽائي ڇڏيو، خانگي ملڪيت تي لڳل خطرناڪ سائن بورڊ به فوري طور هٽايو. ان کان سواءِ درخواستگذار جي وڪيل عبدالوهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڄ عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر هر قسم جا بل بورڊز ۽ هورڊنگز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ڏکڻ ضلعي جي چيئرمين سميت لاڳاپيل ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم به ڏنو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *