ماضي ۾ بجلي جي پيداوار سميت ٻيا ترقياتي منصوبا نه ٺاهي مجرماڻي غفلت ڪئي وئي: صدر ممنون حسين

ڪراچي (اي پي پي) صدر مملڪت ممنون حسين چيو آهي ته ماضي ۾ بجلي جي پيداوار سميت ٻيا ترقياتي منصوبا نه ٺاهي مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو، پر هاڻي ايمان جي حد تائين يقين آهي ته پاڪستان جي مسئلن جو خاتمو ٿي ويندو، پاڪستان ۾ هاڻي بدعنواني نه ٿي هلي سگهي، اها ڳالهه هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ نيو ٽيڪ سندن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ نيوٽيڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ذوالفقار چيما پڻ خطاب ڪيو، صدر چيو ته پاڪستان جا نوجوان اسان جو قيمتي سرمايو آهن، جن جي مستقبل جي بهتر رٿابندي لاءِ حڪومت سنجيده آهي، موجوده حڪومت نوجوانن کي بامقصد تعليم ذريعي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري پئي، ماضي ۾ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ڪوتاهي ٿي، جنهن ڪري انتهاپسندي ۽ شدت پسندي کي هٿي ملي، صدر چيو ته جن قومن پنهنجي افرادي قوت جو صحيح استعمال ڪيو اهي ڪامياب ٿيون، ان سلسلي ۾ نيوٽيڪ وارو ادارو نوجوانن کي مختلف هنرن سان آراستا ڪري نه رڳو معاشري جو فعال رڪن بڻائي رهيو آهي، بلڪه هو ان قابل پڻ ٿي ويندا جو پنهنجن ڪٽنبن جي سنڀال ڪري سگهن، هن نيوٽيڪ جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته هو نوجوانن جي تربيت جي حوالي سان صنعتن ۽ واپار جي مختلف شعبن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مستقبل جي رٿابندي ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *