
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا روحي بانو ترڪي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، مشهور اداڪارا 10 آگسٽ 1951ع تي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ نامياري ڍولڪ نواز الله رکا خان جي گهر اک کولي هوءَ ذاڪر حسين جي ويڳي ڀيڻ هئي. هن ڪرن ڪهاني، زرد گلاب، دروازا سميت ڪيئي ڪلاسڪ ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا. لجينڊري اداڪارا روحي بانو کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان صدارتي ايوارڊ سان به نوازيو هو. پاڪستاني ڊراما انڊسٽري تي 70۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ راڄ ڪندڙ اداڪارا نفسيات جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي پر اداڪارا جي خود پنهنجي سموري حياتي هڪ سانحي جيان گذاري. ٻن ناڪام شادين ۽ 2005ع ۾ جوان پٽ جي قتل کيس دماغي بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. روحي بانو پنهنجي حياتي جا آخري ڏهاڙا لاهور جي فائونٽين هائوس ۾ به گذاريا پر شرپسندن جي ڌمڪين کانپوءِ هوءَ ترڪي هلي وئي هئي. جتي اڄ سندن ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هوءِ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي ملي. پنهنجي يادگار ڪردارن سبب هوءَ سدائين مداحن جي دلين ۾ زندا رهندي.