ماضي جي روش ٻيهر ورجائي وئي ته نتيجا خراب نڪراندا: نثار کهڙو

ڪراچي(اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ڪجهه قوتون نه ٿيون چاهين ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وڌيڪ قائم رهي، جيڪڏهن ماضيءَ جي روش کي ٻيهر ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا خراب نتيجا نڪرندا جيڪو عمل سڀني سياسي جماعتن لاءِ سٺو سنوڻ نه هوندو. اهڙن خيالن جو ا ظهار هن جمعي ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي ڪرپشن جي حامي نه آهي ۽ صرف سنڌ ۾ ڪرپشن جو تاثر ڏيڻ غلط آهي، اهو تاثر ڏيندڙ نظر ڦيرائين ته فرشتا ٻيا به نه آهن، ان ڪري اهڙيون ڪاروائيون ٻين صوبن ۾ پڻ ٿيڻ  گهرجن ۽ صرف سنڌ کي نشانو ٺاهڻ بند ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن تي ڪارروائي ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ صوبي جو اينٽي ڪرپشن ادارو موجود آهي، جيڪو ڪاروائيون ڪري رهيو آهي ۽ صوبي جي اداري هوندي ٻين وفاقي ادارن جون صوبي ۾ ڪاروائيون صوبائي خودمختياريءَ جي خلاف آهن. نثار احمد کهڙو چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ سنڌ کي هر ميدان ۾ جدوجهد ڪرڻ جي اڳواڻي ڪرڻ جي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي ته پوءِ پيپلز پارٽي گهٻرائڻ واري ناهي ۽ اهڙيون جدوجهدون پيپلز پارٽيءَ لاءِ نيون نه آهن. هن چيو ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙيون ڪاروائيون چئني صوبن ۾ ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *