ماضي جي حڪومتن ڳرو قرض ورتو، ادارن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن ڳرو قرض ورتو ادارن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ماضي ۾ ورتل قرضادا ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري اڄ عام ماڻهو مهانگائي جهڙي ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي پگهاردار طبقو مهانگائي سبب وڌيڪ متاثر آهي، گذريل سال اسان 10 ارب ڊآلر قرض واپس ڪيو هن سال 12 ارب ڊآلر واپس ڪرڻو آهي، 1947 کان 2008 تائين پاڪستان جو ڪل قرض 6 هزار ارب رپيا هو جيڪو 2008 کان 2018 تائين 10 سالن ۾ وڌي 23 هزار ارب ڊآلر ٿي ويو جڏهن قرض وڌندو، خرچ وڌندا ته ملڪ غريب ٿيندو پي ٽي وي اهم قومي ادارو آهي پي ٽي وي جا ملازم اسان جي سر جا تاج آهن ڪارڪنن جي محنت سان اڄ پي ٽي وي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻجي چڪو آهي اهڙنخ يالن جو اظهار هن خميس تي هتي پي ٽي وي سينٽرل امپلائيز يونين (مشعل) جي حلف کڻڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو چوڌري فواد چيو ته اسان ايندڙ سالن ۾ اهڙِ طرح محنت سان ڪم جاري رکنداسين ۽ پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سان نڀائينداسين هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ امن ضروري آهي، امن کان سواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته ڪرونا وائرس سبب عالمي سطح تي سپلاءِ چين متاثر ٿي جنهن کان پو3 دنيا ۾ شين جون قيمتون وڌي ويون چوڌري فواد چيو ته پاڪستان ۾ تيل پيدا نٿو ٿئي گئس جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن اسان کي تيل ۽ گئس ٻاهران گهرائڻو پوي ٿو ماضي ۾ بجلي جا مهانگا معاهدا ڪيا ويا مهانگو فيول خريد ڪري بجلي تيار ڪئي وئي هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ پئسا هجن ها ته اسان سبسڊي ڏئي ماڻهن کي مهانگائي جي اثرن کان محفوظ رکي سگهون ٿا. هن چيو ته 2008 ۾ جڏهن زرداري صدر ٿيو ۽ 2018 ۾ (ڻ) ليگ جي حڪومت اقتدار ڇڏي وئي ته اسان جو قرض 23 هزار ارب رپيا هو هن چيو ته گذريل سال اسان 10 ارب ڊآلر قرض واپس ڪيو. هنچيو ته اسان ادارن کي بهتر بڻايو اسان 88 جي لڳ ڀڳ سي اي اوز ۽ مئنيجنگ ڊائريڪترز جون مقرريون ڪيون هڪ مقرري به ميرٽ کان سواءِ ناهي ٿي هنچ يو ته ادارا پنهنجي پيرن تي بيهندا ته ملازم به خوش ٿيندا اڄ پي ٽي وي جي ملازمن جي ڪري ئي ادارو ترقي ڪري رهيو آهي، اسان 10 سالن کان پوءِ پي ٽي وي جي ملازمن جون پگهارون وڌايون وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي جي گروپ 5 ۽ 6 جي ملازمن جي پروموشنز لاءِ بورڊز جوڙي پرموشنز ڪيا ويندا گريڊ 4 ۽ ٻيا ملازم جيڪي سروس دوران فوت ٿيا انهن جيوارثن کي مقررين ۾ ترجيح ڏني ويندي هن چيو ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ملازمن کي بونس ڏيڻ جي پاليسي شروع ڪري رهيا آهيون انک ان اڳ سڌسماءَ واري وفاقي وزير پي ٽي وي سينٽرل امپلايئز يونين جي نون چونديل عهديدارن کان قسم ورتو ۽ کين نيون ذميواريون سنڀاکڻ تي مبارڪون ڏنيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *