ماضي جيان ملڪ نه هلندو، سڀني کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو آهي، پوئتي نه هٽندس: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ جيئن ملڪ کي هلايو ويندو هو هاڻ ائين نٿو هلي سگهي، مان گهڙي گهڙي مديني جي رياست جو ڳالهه ڪندو آهيان، ڇو ته اتي طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪ ئي قانون هو، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار قانون هجي ته رياست تباهه ٿي ويندي آهي. گوجوانوالا چيمبر آف ڪامرس جي اسلام آباد ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جن معاشرن ترقي ڪئي اتي سڀني لاءِ هڪ قانون آهي، عدل ۽ انصاف مديني جي رياست جا اصول هئا، اسان پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين، ملڪ کان ٻاهر منهنجي ڪا ملڪيت ۽ ڪاروبار ناهي، منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي. هن چيو ته مني لانڊرنگ ڪندڙن جا مفاد ڪجهه ٻيا آهن، جن تي ڪيس آهن انهن جا مٽ مائٽ ٻاهر ڀڄي ويا آهن، ملڪ ۾ جيڪو ننڍي چوري ڪندو آهي ته سڀني کي خبر آهي ان سان جيل ۾ ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي، گذريل سال جيترو ٽيڪس ادا ڪيو ويو ان جو اڌ قرضن جي ادائيگين ۾ هليو ويو، ماضي ۾ جهڙي ريت ملڪ کي هلايو ويو هاڻ ائين نٿو هلي سگهي. سندس چوڻ هو ته ماڻهن کي ايف بي آر تي اعتماد ناهي، ايف بي آر ۾ 700 ارب رپين جي چوري ٿي هئي، سڌارن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان کي سڀني کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو آهي پر دٻاءُ وجهندڙن کي چوان ٿو ته پوئتي هٽيس ته قوم سان غداري هوندي، سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط جي مخالفت اهي واپاري ڪري رهيا آهن، جيڪي سمگلنگ جو سامان کپائيندا آهن. وزيراعظم چيو ته 22 ڪروڙ ماڻهن مان 15 لک ٽيڪس ڏيندا آهن، شبر زيدي ٻڌايو ته پاڪستان جو 70 سيڪڙو ٽيڪس 300 ڪمپنيون ڏئي رهيون آهن، ايندڙ سال ڀرپور طاقت سان 5500 ارب روينيو گڏ ڪنداسين، ٽيڪس نظام درست هوندو ته قرض به لهندو ۽ ترقياتي ڪم به ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *