مارچ 2018 تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ تي مڪمل طور ضابطو اچي ويندو: اسحاق ڊارجي دعويٰ

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي آهي ته مارچ 2018 تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ تي مڪمل طور ضابطو اچي ويندو، ايف بي آر ۾سڌارا اهم معاملو آهي، ٽئڪس روينيو ۾ شفافيت يقيني بڻائي وڃي. اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته ايف بي آر ۾سڌارا اهم معاملو آهي، جڏهن ته ٽئڪس روينيو ۾ شفافيت يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته ايف بي آر جي اهم مئسلن تي ڌيان ڏنو وڃي، نظام ۾ بهتري لاءِ ٻين ملڪ جي تجربن مان فائدو وٺڻ گهرجي، جڏهن ته روينيو ۾ واڌ ۽ ٽئڪس باقيدارن کي سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ٻئي پاسي تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي ته توانائي شعبن ۾ تيزي سان ڪم  جاري آهي، مارچ 2018ع تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو اچي ويندو. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته مخالف ترقياتي منصوبن تي تنقيد بدران هاڪاري سياست ڪن، حڪومت بجلي بحران جي حل لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *