سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادري کي ڦاهي ڏني وئي،ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، سيڪيورٽي سخت

اسلام آباد/راولپنڊي/لاهور/ڪراچي (نمائندن وٽان) پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادري کي ڦاهي ڏني وئي، ممتاز قادري کي گذريل رات اسر ويل راولپنڊِي جي اڊيالا جيل ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو، ان موقعي تي جيل اندر ۽ ڀرپاسي سيڪيورٽي جا انتظام تمام گهڻا سخت ڪيا ويا هئا ۽ ڪنهن به اڻ لاڳاپيل ماڻهو کي جيل ڏانهن اچڻ جي اجازت نه هئي، ممتاز قادري موت جي سزا خلاف صدر کي رحم جي اپيل ڪئي هئي، جيڪا رد ٿيڻ کانپوءِ سندس بليڪ وارنٽ جاري ٿيا ۽ کيس ڦاهي ڏني وئي، ضروري ڪارروائي کانپوءِ ممتاز جومڙهه سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي اباڻي شهر صادق آباد کڻائي ويا، هوڏانهن ممتاز قادري جي موت واري سزا خلاف مذهبي تنظيمن پاران مختلف شهرن ۾ احٽجاج ڪيو پيو وڃي، لاهور ۾ شاهدره موٽروي تي سندس غائباڻي جنازي نماز پڙهي وئي ۽ ٽائر ساڙِي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، راولپنڊي ۾ ميٽرو بس ٽريڪ تي غائباڻي جنازي نماز پڙهي وئي، حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ پڻ ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ويو، واضح هجي ته ممتاز قادري 4 جنوري 2011ع تي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير کي اسلام آباد جي ڪوهسار مارڪيٽ ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. حيدرآباد ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادري کي ڦاهي ڏيڻ خلاف سني تحريڪ جي سڏ تي حيدرآباد ۽ لطيف آباد ۾ شٽربند هڙتال، جڏهن ته قاسم آباد سميت حيدرآباد جي سنڌي ڳالهائيندڙ علائقن ۾ هڙتال جي سڏ کي موٽ نه ملي، مختلف مذهبي تنظيمن طرفان حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. حيدرآباد پريس ڪلب سامهون جمعيت علماءِ پاڪستان نوراني گروپ، جماعت اسلامي ۽ حيدرآباد هولسيل فارما اونرز ايسوسيئيشن پاران ممتاز قادري کي ڦاهي ڏيڻ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي جي يو پي جي سربراهه مولانا صاحبزاده ابوالخيرمحمد زبير، محمد خالد قادري، ناظم علي آرائين، جماعت اسلامي حافظ طاهر مجيد، ڊاڪٽر سيف الرحمان ۽ هول سيل فارما ايسوسيشن حيدرآباد غلام حسين ميمڻ ۽ ٻين ممتاز قادري جي ڦاهيءَ کي غيراسلامي ۽ شرمناڪ عمل قرار ڏيندي، ان کي حڪمرانن پاران پنهنجي مغربي آقائن کي خوش ڪرڻ جو عمل ڪوٺيندي چيو ته نواز حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن، شهيد ممتاز قادري هڪ گستاخ رسول کي قتل ڪري رب آڏو وڃي سرخروح ٿيو آهي هنن چيو ته ملڪ جي عوام ظالم حڪمرانن کان بيزار ٿي چڪي آهي، هنن چيو ته ممتاز قادري جي شهادت رائيگان نه ويندي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، هنن چيو ته اسلام آباد ۾ جاري ملي يڪجهتي ڪائونسل جي اجلاس جي فيصلن تحت آئينده جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. عوام ملي يڪجهتي ڪائونسل جي فيصلي تائين پنهنجي جذبن کي ضابطي ۾ رکي.اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادري کي ڦاهي ڏيڻ خلاف اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، احتجاج سبب راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس بند ڪئي وئي، مظاهرو ڪندڙن اسلام آباد کي ڳنڍيندڙ وڏي شاهراهه ايڪسپريس هاءِ وي ۽ فيض آباد پل کي بند ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون ڏنيون، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، تفصيلي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادري کي ڦاهي جي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ احتجاج شروع ٿي ويا، ڪراچي ۾ غريب آباد جي علائقي جي رهواسين ممتاز قادري جي ڦاهي خلاف احتجاج ڪيو ۽ حسن اسڪوائر کان لياقت آباد ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب اسٽيڊيم روڊ تي سخت ٽريفڪ جام ٿي وئي، لاهور ۾ احتجاج سبب ميٽرو بس سروس معطل ڪئي وئي، شهر ۾ 144 لاڳو ڪري جلسن ۽ جلوسن جي اهتمام تي پابندي مڙهي وئي آهي، شاهه درهه چوڪ ۾ به ممتاز قادري کي ڦاهي خلاف احتجاج ڪيو ويو، راوي پل تي پوليس جي ڳري نفري مقرر رهي، حيدرآباد ۾ ممتاز قادري جي ڦاهي خلاف سني تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو، ڪارڪنن اسڪول ۽ دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، ممتاز قادري جي ڦاهي کانپوءِ اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن کي تحويل ۾ وٺيو ويو جيڪي ملڪ ۾ ممتاز قادري بچايو مهم هلائي رهيا هئا، راولپنڊي جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ممتاز قادري کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2011 ۾ 2 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي هئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *