مارچ ۾ رٿيل آدمشماري ملتوي، نئين تاريخ جو فيصلو آپريشن ضرب پورو ٿيڻ کانپوءِ ڪيو ويندو: گڏيل مفادن واري ڪائونسل

اسلام آباد (بيورو) گڏيل مفادن واري ڪائونسل مارچ ۾ رٿيل آدمشماري اڻڄاتل مدي تائين روڪي ڇڏي آهي،سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ 15 مارچ کان آدمشماري ۽ گهرشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر ان تمام گهڻي اهميت واري معاملي کي اڄ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ٿيل اجلاس ۾ اڻڄاتل مدي تائين روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،ذريعن مطابق وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ان اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ ٻيا لاڳاپيل ميمبر شامل ٿيا، آدمشماري ۽ گهرشماري جي معاملي تي سنڌ پنهنجو موقف پيش ڪندي مقرر وقت تي آدمشماري ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو پر اجلاس ۾ اهو مطالبو رد ڪيو ويو، ذريعن مطابق اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج سوڌو سيڪيورٽي فورسز هن وقت آپريشن ضرب عضب ۽ دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ رڌل آهي، جنهن ڪري سيڪيورٽي اهلڪار آدمشمناري ۽ گهرشماري جي ڊيوٽين لاءِ موجود نه هوندا، اجلاس ۾ تفصيلي غور ويچار کانپوءِ مارچ ۾ رٿيل آدمشماري ۽ گهر ڳڻپ روڪيندي فيصلو ڪيو ويو ته آدمشماري لاءِ نئين تاريخ جو فيصلو آپريشن ضرب عضب پورو ٿيڻ کانپوءِ ڪيو ويندو. گڏيل مفادن واري ڪائوپنسل جي اجلاس ۾ پاڪ – چين معاشِي لنگهه، دهشتگردي، قومي ايڪشن پلان، توانائي بحران، اين ايف سي ايوارڊ، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ توِڙِي ٻيا معاملا به غور هيٺ آيا، ذريعن مطابق اجلاس ۾ ٿيل فيصلن بابت ميڊِيا کي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *