مارچ کان اڳ سمورا گندا آنا گڏ ٿي ويندا، ڪرپٽ ماڻهن کي سزائن تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو: شيخ رشيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڪرپٽ ماڻهن جي احتساب تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته مارچ کان اڳ سمورا گندا آنا گڏ ٿي ويندا، 30 مارچ تائين ٻهارو ڦري ويندو. هن چيو ته آصف زرداري پٽ بلاول کي استعمال ڪري رهيو آهي، افسوس آهي ته بلاول به پنهنجي والد جي سياست پويان لڪي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته  آصف زرداري جو ٻيو گهر جيل آهي،  آصف زرداري جيل وڃي سمورن ڏوهارين سان واسطا قائم ڪيا،  شهباز شريف جي معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهائيندس. شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس ريلوي تي ٿورو ڪيو آهي، هن ڪيترائي سال پراڻن ڪيسن جي فيصلي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،ريلوي 28 سالن بعد اڄ ٻيهر زنده ٿي آهي، جڏهن ته رائل پام بابت فيصلو 4 جنوري تي اسلام آباد ۾ ٿيندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *