مارٽينا هنگس هڪ ڀيرو ٻيهر ٽينس تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنگاپور سٽي( اسپورٽس نيوز )سوئس ٽينس اسٽار ۽ اڳوڻي عالمي نمبر ون مارٽينا هنگس هڪ ڀيرو وري بين الاقوامي ٽينس تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، مارٽينا هنگس ان کان اڳ ٻه ڀيرا رٽائرمينٽ وٺي ورتي ٽينس ڪورٽ ۾ واپس اچي چڪي آهي. سريلنڪا ۾ جاري ڊبليو ٽي اي جو ويمنز ڊبلز مارٽينا هنگز آخري ايونٽ هو، ۳۷ سالن جي مارٽينا هنگس ۲۰۰۳ع ۾ ۲۳ سالن جي ڄمار ۾ هن ٽينس کي خير آباد چيو هو، جڏهن ته بعد ۾ مارٽينا هنگس رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس ورتو ۽ ڪورٽ ۾ مختصر عرصي لاءِ ڪم بيڪ ڪيو، جنهن کانپوءِ هن ٻيو ڀيرو ۲۰۰۷ع ۾ رٽائرمينٽ اختيار ڪئي هئي پر ستن سالن کانپوءِ يعني ۲۰۱۴ع ۾ هوءَ ٻيو ڀيرو ٽينس جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو، اهڙي طرح مارٽينا هنگس ڊبلز جي ميدان تي پاڻ مڃائيندي عالمي نمبر ون جو اعزاز حاصل ڪري وئي، مارٽينا هنگس هلندڙ سال ومبلڊن ۽ يو ايس اوپن مڪسڊ ڊبلز جا ٽائٽل به کٽي چڪي آهي. ياد رهي ته مارٽينا هنگس ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ جو ويمنز ڊبلز جو ٽائٽل ڀارت جي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا سان گڏ کٽيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *