
لنڊن(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019 نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ اوپننگ بيٽسمين مارٽن گپٽل انتهائي برو ثابت ٿيو.پنهنجي تيز بيٽنگ سبب سڃاتو ويندڙ مارٽن گپٽل هن عالمي ڪپ ۾ ذڪر جوڳي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو.2015ع جو هيرو ورلڊ ڪپ 2019ع جي 11 ميچن ۾ رڳو 186 رنسون ٺاهي سگهيو، جنهن ۾ رڳو هڪ اڌ سينچري شامل هئي.اڄ لارڊز جي تاريخي ميدان کيڏي ويندڙ فائنل مقابلي ۾ به هو رڳو 19 رنسون ٺاهي ڪرس ووڪس جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.ها پر گپٽل هن عالمي ڪپ ۾ بهترين فيلڊنگ جو مظاهرو ڪندي سڀ کان وڌيڪ رنسون بچايون آهن، هن سيمي فائنل ۾ ايم ايس ڌوني کي رن آئوٽ ڪري نيوزيلينڊ جي فائنل ۾ جڳهه يقيني بڻائي هئي.