لڳي ٿو ته سنڌ ۽ پنجاب صوبا مڪاني چونڊون نه ٿا ڪرائڻ گهرن: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ ۽ پنجاب کان مڪاني چونڊن لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي تاريخ طلب ڪندي ٻنهي صوبن کي تڪ بندين لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، چيف جسٽس جسٽس ناصر الملڪ چيو آهي ته لڳي ٿو ته ٻئي صوبا مڪاني چونڊون نه ٿا ڪرائڻ گهرن.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سرابراهي مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کان سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تاريخ طلب ڪندي چيو آهي ته لڳي ٿو ته ٻئي صوبا مڪاني چونڊون ڪرائڻ نٿا چاهين. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ناصر الملڪ چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ ٻئي صوبا مڪاني چونڊن جي تاريخ ڏين. عدالت، سنڌ ۽ پنجاب ۾ تڪبنديون هڪ مهيني اندر مڪمل ڪرڻ جو به حڪم ڏيندي چيو آهي ته فوجي ڇانوڻين ۾ مڪاني چونڊن لاءِ قانونسازي هڪ هفتي ۾ مڪمل ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *