لڙ اجايو آهي، بلدياتي ترميم ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جون سفارشون شامل آهن: سنڌ حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بلديات، ڳوٺاڻي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ۽ سنڌ جي بلديات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني اڄ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته نئين بلدياتي قانون تي اپوزيشن پارٽين پاران احتجاج نامناسب آهي ڇو ته سنڌ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته بلدياتي قانون ۾ سموري جماعتن سان مشورو ڪري ان پٽ حاصل ڪيو وڃي. اها ئي اسان جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت به آهي هن چيو ته نئين بلدياتي قانونن جي تحت ٽائون سسٽم ڏنو ويو آهي ۽ هاڻ سمورا اختيار قانون جي مطابق هوندا. ميئر ڪراچي جي ماتحت ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ هوندا. ٽائون سسٽم کي بحال ۽ يونين ڪائونسلز کي بحال ڪيو ويو. پيدائش ۽ فوتي سرٽيفڪيٽ پهرين جيان يو سي جي ذريعي جاري ٿيندا ۽ انهن کي نادرا سان لنڪ ڪيو پيو وڃي. ڊسٽرڪٽ حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت ڪيو پيو وڃي بلدياتي ادارن جي ماتحت جيڪي صحت ۽ تعليم جا ادارا آهن انهن کي بهتر طور تي هلائڻ جي لاءِ صوبائي صحت ۽ تعليم جي تحت ڪيو پيو وڃي ته جيئن انهن ملازمن کي پگھارن ۽ باقي سهولتن ۾ آساني هجي. هن چيو ته قانون آسماني صحيفو ناهي جو بدلجي نه سگھي انهن ۾ گڏيل مشوري سان تبديلي به ڪري سگھجي ٿي هن چيو ته هڪ ٻيو اعتراض شوآف هينڊ جي ذريعي ميئر جي چونڊ تي آهي ان تي مشورو ڪري سگھجي ٿو. هن چيو ته اپوزيشن هڪ پاسي هڪ ڳالھ ڪندي آهي ته ٻئي پاسي ٻئي ڳالھ ڪندي آهي اسان اپوزيشن سان ڳالھ ٻولھ جي لاءِ رابطا ڪندا رهيا آهيون ۽ آئنده به رابطا ڪندا رهنداسين. پر هاڻ اپوزيشن عدالت هلي وئي آهي ۽ هاڻ اسان به عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪندا رهنداسين هن چيو ته آدمشماري تي اسان کي اعتراض آهن ۽ خاص ڪري ڪراچي جي آدمشماري تي اعتراض آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪو به شخص جيڪو ميئر جي چونڊ وڙهڻ چاهي ٿو اهو ڪونسل جو ميمبر هجي ان تي به ڳالھ ٿي سگھي ٿي هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته بلدياتي ادارا پنهنجا ٽيڪس پاڻ جمع ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صحت ۽ تعليم جي ادارن ۾ بلدياتي نمائند جو اختيار اسان وڌا ئي رهيا آهيون ڇو ته هاڻ بلدياتي نمائندا انهن ادارن کان ڪارڪردگي رپورٽ گھري سگھن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورنر جو ڪم اسيمبلي جي بڻايل قانون تي ٽي وي تي تنقيد ڪرڻ ناهي هن چيو ته سنڌ حڪومت بلدياتي ادارن جي استحڪام جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. اسان فوري طور تي بلدياتي قانونن ۾ ترميمون ڪيون آهن اهي وقت جي ضرورت هيون پر هر ترميم تي ڳالھ ٿي سگھي ٿي. اسان  رٽائرڊ جج تي نگراني ۾ ڪميشن ٺاهڻ چاهيون ٿا پر اپوزيشن ان جي به مخالفت ڪري رهي آهي مخالفت برائي مخالفت سان اپوزيشن جا چهرا بي نقاب ٿي رهيا آهن هن واضع ڪيو ته قانون ٺاهڻ جو اختيار صوبائي اسيمبلي جو آهي ڪو به اسيمبلي کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگھي. سنڌ حڪومت بلدياتي ادارن کي قانونن جي ذريعي بااختيار بڻائي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صرف بااختيار ميئر ئي لوڪل گورنمنٽ ئي نه پر بااختيار لوڪل گورنمنٽ هڪ وسيع تصور آهي. ان ۾ ٽائون، يونين ڪائونسل ۽ بلدياتي ادارن جا پنهنجا پنهنجا فرض ۽ اختيار آهن ۽ اسان انهن سڀني کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن واضع ڪيو ته ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته اپوزيشن جي اعتراضن تي ڳالھ ٻولھ ٿي سگھي ٿي. ڊيلميٽيشن حڪومت جو نه اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. پر ان ۾ حڪومت جي تجويزن جي مطابق ڊيليمٽيشن ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن به پابند آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به ڳالھ تي ضد ۾ ناهي پر هر معاملي تي ڳالھ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جيڪو قانون به آڻيندا آهيون اپوزيشن ان جي مخالفت لازمي ڪندي آهي ڇو ته اها اپوزيشن نالائق ۽ نااهل وفاقي حڪومت جي پوئوار آهي ۽ ان کان وڌيڪ نالائق آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت هر مهيني 50 ڪروڙ روپيا ڪي ايم سي کي فقط پگهارن جي ڏس ۾ ڏئي رهي آهي هن اپوزيشن جي دور تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ جهڙي سٺي ادارن کي راتون رات غير ضروري ڀرتين جي ذريعي تباھ ڪيو ويو. هن سوال ڪيو ته ناجائز قبضن کي ڪنهن ليز ۽ ڪمرشل ڪيو اپوزيشن پنهنجي دور ۾ پارڪ ۽ راندين جا ميدان به ليز ڪري ڇڏيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ريجنل بنيادن تي هلايو پيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن واضع ڪيو ته جيالا گھٻرائڻ وارا ناهين ۽ پنهنجو قانوني حق استعمال ڪندا جيالا ڦاهين، ڪوڙن جيلن کان نه ڊنا ته گرفتاري ڇا حيثيت رکي ٿي جيالا قانون جي مطابق پنهنجو ڪيس وڙهندا.  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *