ليڊي ڪانسٽيبل تشدد ڪيس: شاهه جهان منڱريو جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي مقامي عدالت، پارليامينٽ لاجز ۾ ليڊي ڪانسٽيبل تي تشدد ڪندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهه جهان مڱريو جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جي جج راجا آصف محمود، عورت ايم اين اي شاهه جهان مڱريو جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست منظور ڪئي. ٻڌڻي دوران شاهه جهان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل خلاف جيترا به قلم لاڳو ڪيا ويا آهن اهي سڀئي ٻڌڻي جوڳا آهن، ان کانسواءِ ميڊيڪل رپورٽ مان به تشدد جو ڪو قلم نه ٺهي رهي آهي. وڪيل ٻڌايو ته پوليس به سي سي ٽي وي فوٽيج مان ڪو رڪارڊ حاصل ناهي ڪيو، ان ڪري عدالت کان درخواست آهي ته شاهه جهان مڱريو جي ضمانت منظور ڪئي وڃي. عدالت درخواست گذار جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ بعد 10 هزار رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض شاهه جهان مڱريو جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي. ياد رهي ته 21 آڪٽوبر تي پارليامينٽ لاجز اسلام آباد ۾ مقرر ليڊي ڪانسٽيبل افشان وومين ٿاڻي ۾ درخواست ڏني هئي ته هوءَ پارليامينٽ لاجز ۾ فرض انجام ڏئي رهي هئي ته نيشنل پيپلز پارٽي جي عورت ايم اين اي شاهه جهان مڱريو کيس گارگند ڪيو ۽ چماٽ به هنئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *