بارسلونا (اسپورٽس نويز) ليونل ميسي بارسلونا سان 2021ع تائين معاهدو ڪري ورتو، ارجنٽائن جو سپر اسٽار ميسي هاڻ 2021ع تائين بارسا لاءِ کيڏندو، معاهدو ست سئو ملين يوروز ۾ طئه ٿيو.ارجنٽائن جي اسٽرائيڪر ليونل ميسي اسپينش فٽبال ڪلب بارسلونا سان معاهدي جي تصديق جولاءِ ۾ ڪري ڇڏي هئي.جڏهن ته ان سلسلي ۾ باضابطه تقريب نه ٿي هئي. گذريل ڏينهن بارسا ۽ ميسي وچ ۾ معاهدي جي آفيشل سائننگ تقريب ٿي، ميسي 2021ع تائين بارسلونا سان گڏ هوندو جڏهن ته ايگريمينٽ 700 ملين يوروز جو آهي