ليونارڊو ڊي ڪيپريو بهترين اداڪاري سبب گولڊن گلوب ايوارڊ کٽي ورتو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪار ليونارڊو ڊي ڪيپريو بهترين اداڪاري سبب گولڊن گلوب ايوارڊ کٽي ورتو، هن فلم “دي ريورينٽ” ۾ بهترين اداڪادري سبب اهو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو،سندس ان فلم  بهترين هدايتڪاري ۽ بهترين ڊرامي جو ايوارڊ به ماڻيو، ليونارڊو ڊي ڪيپريو گولڊن گلوب ايوارڊ ٽيون ڀيرو کٽيو آهي، ان کان پهرين فلم ايوي ايٽر ۽ وولف آف دي وال اسٽريٽ ۾ بهترين اداڪاري تي کيس اهو ايوارڊ ملي چڪو آهي، فلم “ روم” ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ بري لارسن بهترين اداڪارا جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو، جڏهن ته فلم اسٽيو جابز ۾ مددگار اداڪار جو ڪردار نڀائيندڙ ڪيٽ ونسليٽ بهترين سپورٽنگ ايڪٽر جو ايوارڊ پنهجي نالي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *