لينڊ اسڪينڊل: سنڌ حڪومت 45 ڄڻن تي 72 ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (م.ڊ) چيف سيڪريٽري سرڪاري زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ، ڪرپشن ۽ قانون جون حدون اورانگھڻ سميت اربين رپين جي فراڊ اسڪينڊل ۾ روينيو کاتي جي 45 کان مٿي ڪامورن ۽ بااثر خانگي ماڻهن خلاف 27 ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان حوالي سان ڪالهه چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي ون ( اي سي سي 1) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن اختيارين پاران روينيو ۽ ڪوآپريٽو کاتي سميت پوليس اسپتال جي ڪرپشن ۽ لاقانونيت وارا معاملا پيش ڪيا ويا. ڪيسن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ روينيو کاتي ۽ پوليس اسپتال خلاف 27 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، روينيو کاتي جي سرڪار جي اربين رپين جي ماليت واري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ سميت ٻين معاملن تي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي ٽن اڳوڻن سيڪريٽرين دانش سعيد، آفتاب ميمڻ ۽ غلام مصطفيٰ ڦُل، سيڪشن آفيسر عمران حميد ۽ حمادالدين چاچڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حيدر چانڊيو، ڊي سي عارف ڪلوڙ، مختيارڪار طفيل خاصخيلي، سيڪشن آفيسر زين العابدين، پي ٽي آءِ ملير جي مقامي اڳواڻ ڊاڪٽر مسرور سيال، خانگي ماڻهن ۽ عملدارن الهڏنو بروهي، وحيد عبدالقادر، آمنه بانو، عامر عباس، محمد جميل، منصور ميمڻ، اعظم خان، بلال خان، رفيق احمد صديقي، عبدالستار، فيصل عباس، ڀاشاني ملتان، ايوب ڪلوڙ، خليل الرحمان، سيد ذوالفقار شاھ، سڪينه، رحيمداد، ملڪ داد، محمد طفيل، فضل داد، نصرت بيبي، فوزيه، محمد مشتاق احمد، محمد صالح، محمد صفر بروهي، خادم حسين، سراج احمد، مشتاق سولنگي، يوسف عباسي، محمد اسلم، سائره پرويز، محبوب علي، محمد موسيٰم، محمد عيسيٰ، فياض مهيسر، عباس سڌايو، جليل بروهي، عمران بٽ، ظفر احمد، محمد اسلم، شڪيل احمد، رياض احمد، بهادر پنجواڻي، صادق پنجواڻي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ٿيندا هڪ ئي وقت 2 سرڪاري نوڪريون ڪرڻ وارو اسڪينڊل، 24 سالن تائين اعليٰ عهدن تي 2 نوڪريون ڪندڙ ڪاموري طيب عمراڻي خلاف اينٽي ڪرپشن کي ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب طيب عمراڻي 1992ع ۾ سيسي ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ڀرتي ٿيو هو، جيڪو 1993ع ۾ ڪميشن پاس ڪري صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر طور ڀرتي ٿيو، لاڳيتو 2 نوڪريون ڪرڻ ۽ ٻنهي هنڌن تان پگھارون کڻڻ واري معاملي جو ڦاٽ ڦاٽڻ کانپوءِ سندس خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ جاچ هلي رهي هئي. اينٽي ڪرپشن اختيارين پاران سندس ڪيس اي سي سي ون ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن بعد چيف سيڪريٽري مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.  روينيو کاتي جي ڪامورن خلاف 6 اوپن انڪوائريون ۽ ڪرپشن سميت غيرقانوني ڪمن جي الزام هيٺ آيل ڪوآپريٽو کاتي جي ڪامورن خلاف 3 اوپن انڪوائرين جي به منظوري ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين پاران چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿيل اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي ون جي اجلاس ۾ روينيو کاتي ۾ غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ ٻين معاملن تي اجلاس جي ميمبرن پاران تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ چيف سيڪريٽري پاران 6 اوپن انڪوائريون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته ڪوآپريٽو کاتي جي ڪرپشن ڪيسن جو به جائزو ورتو ويو جنهن کانپوءِ چيف سيڪريٽري پاران اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڪوآپريٽو جي ڪامورن خلاف 3 اوپن انڪوائريون ڪيون وڃن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *