ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر آءِ ايس آءِ جي نئين سربراهه جون ذميواريون سنڀالي ورتيون

اسلام آباد(بيورو) آءِ ايس آءِ جي نئين سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي پاڪستان جي سڀ کان وڏي انٽيليجنس ايجنسي انٽر سروس انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي نئين سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي ميجر جنرل کان ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي حاصل ڪندڙ رضوان اختر ليفٽيننٽ جنرل ظهيرالاسلام جي ريٽائرمينٽ کانپوءِ آءِ ايس آءِ جي 21 هين سربراهه جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندو جڏهن ته ان کان پهريان هو ڊائريڪٽر جنرل سنڌ رينجرز جي طور تي فرض سرانجام ڏيندو رهيو هو، ياد رهي ته رضوان اختر جي سربراهي ۾ ڪراچي ۾ ڏوهاري ماڻهن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن به ٿيو جنهن ۾ هن شهر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون جڏهن ته رضوان اختر آپريشن دوران ڪجهه پوليس آفيسرن کي هٽائڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *