ليجنڊري بالي ووڊ اداڪار قادر خان جي طبعيت نه سڌري، وينٽي ليٽر تي منتقل

 

ممبئي ( شوبز نيوز ) ليجنڊري بالي ووڊ اداڪار قادر خان اڄڪلهه سخت بيمار آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف سبب کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.  بالي ووڊ جو ورسٽائل اداڪار قادر خان گذريل ڪيئي ورهين کان بيمار آهي پر اڄڪلهه سندس حالت تمام گهڻو بگڙجي وئي آهي ۽ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو آهي. قادر خان کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي جنهن سبب کيس وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.  قادر خان گذريل ڪيئي ورهين کان پنهنجي پٽ سرفراز ۽ نونهن سان گڏ ڪئناڊا ۾ رهي رهيو آهي. رپورٽن موجب قادر خان بيماري سبب ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس ٽيسٽن ۾ کيس نمونيا جي علامتون پڻ ظاهر ٿي رهيون آهن.  قادر خان جي پٽ سرفراز ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس والد کي پنڌ ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي، کيس خوف ٿيندو هو ته هو جيڪڏهن پنڌ ڪندو ته ڪري پوندو، گذريل سال سندس گوڏي جو به آپريشن ٿيو هو پر آپريشن بعد به سندس والد پنڌ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب سندس حالت وڌيڪ خراب ٿيندي وئي. سرفراز اميد ظاهر ڪئي آهي ته سندس والد جلد صحتياب ٿي ويندو. واضح رهي ته 81 ورهين جي ليجنڊري بالي ووڊ اداڪار قادر خان پنهنجا 43 ورهيه بالي ووڊ کي ارپيا آهن ۽ هن لڳ ڀڳ 300 فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ 250 فلمن جا مڪالما لکيا آهن. هن مزاحيه ادڪاري سان گڏوگڏ منفي ڪردار پڻ وڏي مهارت سان نڀايا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *