لياري کي پوليس ۽ عوام جي مدد سان سنڀالينداسين: ڊي جي رينجرزسنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز سنڌ بلال اڪبر چيو آهي ته لياري جي جوانن پاڪستان جي جهنڊي جو مان مٿاهون ڪيو آهي،لياري جي حالتن کي عوام ۽ پوليس جي مدد سان سنڀالينداسين. ڪراچي جي علائقي لياري ۾ عامر خان باڪسنگ چيمپيئن شپ منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊي جي رينجرز خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ سنڌ پوليس جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ پوليس جي ساٿ ڏيڻ سبب لياري جي حالتون ٺيڪ ٿيون آهن، هن چيو ته لياري جي سڃاڻپ هتان جا رانديگر آهن، انهن نوجوانن پاڪستان جي جهنڊي جو مان مٿاهون ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *