لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش، سنڌ آرمز ترميمي بِل 2015ع منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي، سنڌ آرمز ترميمي بِل 2015ع منظور ڪري ورتو، جڏهن ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2013ع به ايوان ۾ پيش ڪيو ويو،بِل تحت مڪاني چونڊن ۾ پينل سسٽم ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران صوبائي وزير سڪندر مينڌري سنڌ آرمز ترميمي بل 2015ع پيش ڪيو ويو، جيڪو منظور ڪيو ويو. پ پ ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شوري اسيمبلي ميمبرن کي ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ ڏيڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو ايوان پاس ڪري ورتو. سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ بل 2013ع پڻ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تي بحث جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. بل تحت مڪاني چونڊن ۾ پينل سسٽم ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هر شهري آزاد حيثيت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهندو. ترميمي بل موجب يونين ڪميٽيز ۽ يوسيز کي وارڊ ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن ته نين تڪبندين جو اختيار اليڪشن ڪميشن کي هوندو. بل موجب يوسيز، يونين ڪميٽيز ۽ وارڊ جي تڪبندي روينيو بلاڪ تحت تعلقي اندر هوندي. ترميمي بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين گڏيل اميدوار هوندا، جڏهن ته چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ شو آف هينڊ ذريعي ٿيندي. بل موجب يونين ڪائونسل، يونين ڪميٽي ۾ وارڊز جي بنياد تي چار جنرل ڪائونسلرز چونڊيا ويندا. عورتن، ليبر ۽ نان مسلم اميدوارن جو تڪ يوسي ۽ يونين ڪميٽي تي ٻــَڌل هوندو، جڏهن ته 22 سيڪڙو عورتون ۽ پنج سيڪڙو سيٽون غير مسلم اميدوارن لاءِ رکيون وينديون. سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتي ڪوٽا تي عملدرآمد نه ٿيڻ بابت فنڪشنل ليگ اميدوار نندڪمار ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. نندڪمار چيو ته سرڪاري کاتن ۾ ڪوٽا موجب ملندڙ نوڪرين جا تفصيل ٻــُڌايا وڃن. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته نوڪرين ۾ اقليتي ڪوٽا مقرر آهي، ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا آهن. هن چيو ته سرڪاري ڪوٽا تي عمل ڪيو ويندو آهي، سڄي سال ۾ ڪيتريون نوڪريون ڏنيون ويون ان جو جواب بعد ۾ ڏنو ويندو. سنڌ جي جيلن ۾ مقرر ڊاڪٽرن جي انگ بابت فنڪشنل ليگ ميمبر مهتاب اڪبر راشدي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. مهتاب اڪبر راشدي چيو ته ڊاڪٽرن جي ترقي ۽ سروس اسٽرڪچر بابت تفصيل ايوان ۾ ٻــُڌايا وڃن. صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته 27 نوڪريون پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪيون ويون، جيل کاتي جا پنهنجا قانون ناهن، سنڌ حڪومت جي قانونن موجب ڊاڪٽرز ڀرتي ڪيا ويندا آهن. منظور وساڻ چيو ته جيل ۾ پنج سال تجربو رکندڙ ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪيو ويندو آهي. صحت کاتي تحت هلندڙ هيلٿ پروگرام بابت اپوزيشن ليڊر شهريار مهر ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته هيپاٽائيٽس پروگرام جي چئن ڪانٽريڪٽ ملازمن کي هٽائي ٻيا ملازم ڀرتي ڪيا ويا. شهريار مهر چيو ته نون ملازمن بدران پراڻن ملازمن جا ڪانٽريڪٽ ڇو نه وڌايا ويا ؟ جنهن تي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته سنڌ ۾ صحت کاتو 12 پروگرام هلائي رهيو آهي. ڄام مهتاب ڏهر چيو ته چائلڊ هيلٿ پروگرام ۾ اڍائي هزار ملازمن کي مستقل ڪيو ويو آهي، عارضي ملازمن کي لاڳو ٿيل قانونن تحت مرحليوار مستقل ڪيو پيو وڃي. خيرپور ضلعي ۾ ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن بابت فنڪشنل ليگ ميمبر پير راشد شاهه ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. راشد شاهه ايوان ۾ خيرپور سان تعلق رکندڙ مبينا پاٿاريدار جون تصويرون ايوان ۾ ڏيکاريون ۽ لاڳاپيل وزيرن کان جواب طلب ڪيو. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته خيرپور ضلعي جا 24 مغوي بازياب ڪرايا ويا آهن، 16 ڌاڙيل گرفتار ڪيا ويا ۽ 12 مقابلن ۾ ماريا ويا. نثار کهڙي چيو ته 13 ڌاڙيلن جا چالان عدالتن ۾ پيش ڪيا ويا آهن، سياسي الزام تراشي ڪرڻ جي ضرورت ناهي، جيڪو ڪير ڪنهن کي ڇڏي ٻي پارٽي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ته تڪليف ضرور ٿيندي آهي. صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته جنهن شخص جون تصويرون ايوان ۾ ڏيکاريون ويون اهو پهريان ڪنهن پارٽي سان تعلق رکندو هو. منظور وساڻ چيو ته اهو شخص فنڪشنل ليگ ۾ هو ته فرشتو هو، هاڻي پيپلز پارٽي ۾ آيو ته پاٿاريدار ڪيئن بڻجي ويو؟ منظور وساڻ جي بيان تي فنڪشن ليگ ميمبر پير راشد شاهه احتجاج ڪيو. اجلاس دوران سنڌ حڪومت طرفان ٽه ماهي بجيٽ خرچن جي رپورٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ آڪٽوبر 2014ع کان ڊسمبر 2014ع تي ٻڌل آهي، جڏهن ته مخالف ڌر ميمبرن مطالبو ڪيو ته رپورٽ تي بحث لاءِ وقت ۽ ڏينهن مقرر ڪيو وڃي. ان کان اڳ ايوان ۾ صوبائي وزير مراد علي شاهه ۽ نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. نصرت سحر عباسي چيو ته لاڳاپيل وزيرن جي موجودگي ۾ ٻيو ڪو وزير بيان نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته صوبائي وزير جڏهن چاهين اسيمبلي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪن، ڪو نوٽيس نه ٿو وٺي. نصرت سحر عباسي چيو ته ڄام مهتاب ڏهر جي جڳهه تي مراد علي شاهه جو جواب ڏيڻ اسيمبلي قاعدن جي خلاف آهي. ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *