لوئر ڪرم ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسزجي گاڏي ويجهو ڌماڪو، 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 2 زخمي

پشاور (م.ڊ) لوئر ڪرم ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ٿيل بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن، سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته شهيد ٿيلن ۾ فرنٽيئر ڪور جا 3 ۽ ليوي فورس جو هڪ اهلڪار شامل آهي، زخمي سيڪيورٽي اهلڪار جو تعلق به ليويز فورس آهي، سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته دهشتگردن بارودي سرنگهه شباڪ جي علائقي ۾ رستي جي ڪناري تي نصب ڪئي هئي ۽ انهن جو حدف سيڪيورٽي فورس جي گاڏي هئي، زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي جو ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *