لوئر دير ۾ بيڪري اندر باهه،5 پورهيت فوت

لوئر دير (م.ڊ) لوئر دير ۾ بيڪري اندر بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 پورهيت فوت ٿي ويا، خال بازار ۾ هڪ بيڪري ۾ بجلي مان باهه لڳي وئي، جنهن سبب بيڪري اندر ستل 5 پپورهيت بيهوش ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ پهچي باهه وسائي ورتي، جنهن کانپوءِ بيهوش ٿيل پورهيتن کي طبي امداد لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽراسپتال نيو ويو، جتي علاج دوران 5 ئي ڄڻا فوت ٿي ويا، پوليس مطابق فوتي پورهيتن جو تعلق آزاد ڪشمير سان آهي، جن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *