لوئر اورڪزئي: ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪو، 6 ڄڻا مارجي ويا، 13 زخمي

لوئر اورڪزئي(م.ڊ) ڊولي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گيس ڀرجڻ سبب ٿيندڙ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 13 زخمي ٿي پيا، لوئر اورڪزئي ايجنسي جي علائقي ڊولي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گيس ڀرجڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيا امدادي ٽيمن جي اهلڪارن زخمين کي فوري طور تي وجهي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري فوتگي ۾ اضافي جو خدشو آهي، زخمين کي هنگامي بنيادنتي طبي امداد ڏني پئي وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *