لنڊن ۾ ڊرائيور جي سونم سان اڻ وڻندڙ حرڪت، “اوبر” کان پاسو ڪريو: اداڪارا

 

ڪراچي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته برطانوي راڄڌاني لنڊن ۾ آن لائن سفري سهولتون فراهم ڪندڙ ڪمپني اوبر جو ڊرائيور ساڻس اڻ وڻندڙ انداز ۾ پيش آيو. اداڪارا پنهنجي مداحن کي خبردار ڪيو آهي ته هو اڳتي لنڊن ۾ اوبر سان سفر نه ڪن. نجي ٽي وي جي ويب سائيٽ موجب سونم ڪپور پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته لنڊن ۾ اوبر سان سفر دوران هو انتهائي ڊڄي وئي ۽ کيس ڊرائيور جي اڻ وڻندڙ رويي ڇرڪائي ڇڏيو. اداڪارا طرفان ٽوئيٽ ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن کانئس خيريت دريافت ڪئي ۽ پڇيو ته ساڻس ڇا ٿيو؟ اداڪارا ڪجهه مداحن کي جواب به نه ڏنا ۽ هن مداحن ۽ ماڻهن کي چيو ته هو اڳتي لنڊن ۾ اوبر سان سفر نه ڪن ۽ جيڪڏهن سفر ڪن ته هو اڳ ئي احتياطي اپاءَ اختيار ڪن. اداڪارا ماڻهن کي صلاح ڏني ته هو لنڊن ۾ نجي ۽ عوامي گاڏين ۾ سفر ڪن. اداڪارا جي ٽوئيٽ کانپوءِ اوبر به کانئس معذرت ڪئي ۽ اداڪارا کي چيو ته هو واقعي جا تفصيل پنهنجي اي ميل ۽ فون نمبر سان کين موڪلي. اوبر جي سوال تي اداڪارا کين جواب ڏنو ته هن واقعي جي فوري بعد ئي اوبر کي شڪايت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهي، شڪايت داخل ڪرڻ لاءِ به اوبر کي پنهنجو سسٽم اپڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هاڻي جيڪو ساڻس ٿيڻو هو ٿي ويو هاڻي ڪجهه نٿو ڪري سگهجي. اداڪارا جي ٽوئيٽ کانپوءِ ماڻهو اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ته ڊرائيور اداڪارا سان ڇا ڪيو پر اداڪارا ان جي وضاحت نه ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *