لنڊن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ محمد انور گرفتار، پڇا ڳاڇا جاري

لنڊن (م.ڊ) لنڊن ۾ اسڪاٽلينڊ يارڊ جي ڪائونٽر ٽيررزم اسڪواڊ مني لانڊرنگ جي الزام ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ محمد انور کي گرفتار ڪري ورتو آهي ان کان اڳ اطلاع هئا ته 64 سالا شخص کي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ايم ڪيو ايم لنڊن ۾ رابطه ڪميٽي جي ميمبر محمد انور جي گرفتاري  جي تصديق ڪري ڇڏي آهي محمد انور کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ پڇا ڳاڇا لاءِ سينٽرل لنڊن پوليس اسٽيشن نيو ويو آهي اها گرفتاري نارٿ ويسٽ لنڊن جي گهر مان عمل ۾ آئي، اسڪاٽلينڊ يارڊ گهر جي وڌيڪ ڳولا ڪي رهي آهي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پهريان گرفتار ٿيل 5 ماڻهو اپريل تائين ضمانت تي آهن ضمانت تي آزاد هڪ شخص 73 سال، ٻيو 44 سالن جو آهي جڏهن ته هڪ 41 سالا جوابدار پوليس جي گهرائڻ تي پيش ٿيو ته ان کي به گرفتار ڪيو ويو هو پنجون جوابدار 27 سالن جو آهي ۽ ان کي به پوليس اسٽيشن گهرائي گرفتار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *