لنڊن ۾ آصف علي زرداري سان مخدوم جميل الزمان جي ملاقات، سياسي صورتحال ۽ خدشن بابت آگاهي

ڪراچي (اين اين آءِ) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ سنڌ جي رليف واري صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان گذريل ڏينهن لنڊن ۾ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ملاقات دوران مخدوم جميل الزمان پ پ پ شريڪ چيئرمين کي سياسي صورتحال ۽ خدشن بابت آگاهه ڪيو جڏهن ته سنڌ ۾ نئين تنظيم سازي جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ مخدوم محبوب الزمان ۽ صوبائي صلاحڪار علي حسن هنڱورو به موجود هئا ملاقات تقريبن ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي. واضح رهي ته مخدوم جميل الزمان جو تعلق پيپلزپارٽي جي ناراض اڳواڻن سان آهي کيس خدشا آهن ته ان کي پارٽي ۾ اهميت نٿي ڏني وڃي. ۽ سندس وزارت ۾ به مداخلت ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *