لنڊن پوليس جي الطاف حسين کان ٻن ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا، متحده باني ڪنهن به سوال جو جوابا نه ڏنو، کيس آزاد ڪيوويو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي پوليس ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين کان ٻه ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. رپورٽن موجب ايم ڪيو ايم باني کان گذريل رات برطانوي وقت موجب رات 10 کان 12 تائين پڇا ڳڇا ڪئي وئي ۽ ان دوران لنڊن پوليس کائنس سوال ڪيا جنهن جو الطاف حسين ڪو به جواب نه ڏنو. ايم ڪيو ايم باني رڳو پنهنجو نالو، پيدائش جي تاريخ ۽ گهر جو پتو پوليس کي ٻڌايو جڏهن ته پڇاڳاڇا دوران الطاف حسين جا وڪيل به ساڻس گڏ هئا. ٻئي پاسي لنڊن پوليس ايم ڪيو ايم باني کي وڌيڪ ٻارنهن ڪلاڪ قيد ۾ رکڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، الطاف حسين جي 24 ڪلاڪن لاءِ قيد جو وقت پورو ٿيڻ کان پوءِ کيس وڌيڪ قيد ۾ رکيو ويندو جنهن لاءِ درخواست سائوٿ ورڪ پوليس اسٽيشن جي سپرنٽنڊنٽ ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *