
اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسيمبلي ۾ پهريان پنهنجي صفائي پيش ڪندس جنهن کان پوءِ وزيراعظم نوازشريف کان سوال ڪندس موقعو مليو ته اسيمبلي ۾ مون مٿان لڳايل الزامن وارن سوالن جا به جواب ڏيندس بني گالا ۾ مڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مان عوام آڏو جوابده آهيان هن چيو ته اڃا فيصلو ڪرڻو اهي ته پريس ڪانفرنس ڪيان يا ان جو اسيمبلي ۾ جواب ڏيان. هن چيو ته جيڪو مان پنهنجي باري ۾ جواب ڏيندس وزيراعظم کان به اهو ئي جواب وٺندس. هن چيو ته ڇا وزيراعظم نوازشريف ايوان ۾ منهنجي تقرير ٻڌڻ تائين اجلاس ۾ ويهندو؟ هن چيو ته وزيراعظم جي تقرير جو بي صبري سان انتظار اهي هن چيو ته چيف جسٽس درست چيو آهي ته اهڙن ٽي او آرز تي جاچ ٿي ته ان ۾ صديون لڳي وينديون.