لنڊن مان ويهي سنڌ کي ورهائڻ وارو مطالبو اردو آبادي جو نه پر هڪ نسلي تنظيم جو آهي: سيد جلال محمود شاهه

ڄامشورو( ڊ ر) سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي لنڊن مان ويهي سنڌ کي ورهائڻ وارو مطالبو اردو آبادي جو نه پر هڪ نسلي تنظيم جو آهي، ان ڪري اردو آبادي ايم ڪيو ايم کان لاتعلقي جو اظهار ڪري، هاڻي سنڌي جي سنڌي اردو آبادي ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ جي چالبازين کيسمجهي چڪو آهي، سنڌ جي وحدت خلاف غلط زبان استعمال ڪندڙ سياسي غلام پنهنجي زبان کي تالو ڏين، هن وقت سنڌ ۾ نسلي ۽ ٻولي بنيادن تي تضاد نه پر سنڌي اردو آبادي ۾ ايڪتا جي ضرورت آهي.  ڄامشوري ۾ سنڌ يو نائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه هتي جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ٻين اڳواڻن سان گڏ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم پنهنجي تاريخي وطن جي بچاءُ ۽ ايڪتا جي حق ۾ آهي، هاڻ سنڌي قوم پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سنڌ کي ورهائڻ واري راند کي سمجهي چڪي آهي، هاڻ سنڌ جو عوام ڪنهن به مهاجر يا مها قومپرست جي نعريبازي جي چڪر ۾ نه ايندو ۽ نه ئي سنڌ جي ورهاڱي جي حق ۾ آهي، سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ بچايو ڪميٽي سنڌي ۽ اردو آبادي وچ ۾ ايڪتا قائم ڪرڻ لاءِ ڊويزنل سطح تي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون آهن جنهن ۾27 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻو، 28 آڪٽوبر تي سکر، 29 آڪٽوبر تي نواب شاهه، 15 نومبر تي ميرپورخاص ۽ 17 نومبر تي حيدرآباد ۾ ٿينديون جنهن ۾ سنڌي اردو زبان جي اديبن، دانشورن، واپارين توڙي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي سڏايو ويندو. سنڌ جلال محمود شاهه ۽ ٻين چيو ته اسان سياسي غلامن کي چتاءُ ٿا ڏيون ته سنڌ وطن خلاف گندي زبان استعمال ڪرڻ بند ڪن ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عوام هاڻ برداشت نه ڪندو. پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي جي اڳواڻ ۽ مختلف پارٽين جا سربراهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ابرار قاضي، ڊاڪٽر مير عالم مري، غلام مصطفيٰ چانڊيو،  ڊاڪٽر شمس الدين صديقي، روشن ٻرڙو، ادريس چانڊيو، حنيف ساگر بڙدي، قمر ڀٽي، دودوديشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *