لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ پيپلزپارٽي اورسيز جي صدر سينيٽر رحمان ملڪ لنڊن ۾ متحده قومي موومينٽ جي اڳاوڻ الطاف حسين سان تفصيلي ملاقات ڪئي ملاقات ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي جنهن ۾ سينيٽ اليڪشن ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽِ لاڳاپا سياسي صورتحال ۽ ملڪ جي جملي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سياسي ماحول بهتر بنائڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سياسي مفاهمت جو عمل اڳتي وڌايو ويندو ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي سينيٽ اليڪشن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون ڪنديون ٻنهي جماعتن وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي هن سيٽ ايڊجسٽمينت فارمولا موجب پيپلزپارٽي کي 7 ۽ ايم ڪيو ايم کي 4 سيٽون ملنديون ملاقات ۾ 4 ڏينهن اڳ آصف علي زرداري ۽ الطاف حسين وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جي روشني ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ امن ۽ ڀائپي ۽ بهتر ماحول جوڙڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جلد ئي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيندي ان ڏس ۾ هن دفعي ٻنهي پارٽين وچ ۾ باقاعده لکت ۾ معاهدو ٿيندو. ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو ته ٻنهي جماعتن وچ ۾ ئي ٿيندڙ معاهدي تي عملدرآمد ۽ ورڪنگ رليشن شپ کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ ٻنهي پاران 2-2 ميمبر شامل هوندا ته جيئن مستقبل ۾ ٻنهي جماعتن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا گڏيل مشاورت سان حل ڪيا وڃن حڪومتي معاملن جي حل لاءِ ٻنهي جماعتن سان تعلق رکندڙ ميمبرن تي ٻڌل هڪ وزارتي ڪميٽي به جوڙي ويندي انموقعي تي سينيٽر رحمان ملڪ آصف علي زرداري پاران الطاف حسين کي پڪ ڏياري ته هن دفعي ايم ڪيو ايم کي سندس جائز حق اڳ جيان ملندو ۽ هر شعبي ۾ 40.60 جي فارمولا تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻئي جماعتون گڏجي سنڌ کي ترق يڏيڻ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪنديون ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن الله تعالي کان دعا ڪئي ته پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي جي پاڙ پٽجي ۽ پاڪستان اڄڪلهه جن مسئلن جي ور چڙهيل آهي انهن مسئلن مان نڪري ۽ ترقي ڪري آخر ۾ رحمان ملڪ الطاف حسين کي ٻڌايو ته هو ڪراچي پهچندي ئي هن ملاقات جي تفصيلي رپورٽ آصف علي زرداري کي پيش ڪندو ان پاران توثيق ٿيندي ئي ان تي عملدرآمد شروع ڪيو ويندو.