للڪارن کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي وس جي ڳالهه ناهي، ٻڌي ڪرڻي پوندي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته للڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻڌي لازمي آهي، سياسي پارٽيون هڪ ٿي ئي دهشتگردي کي منهن ڏيئي سگهن ٿيون، اسلام آباد ۾ ايشيا جي سياسيپارٽين بابت عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته للڪارن کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي وس جي ڳالهه ناهي پر ان لاءِ ٻڌي جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته انساني اسمگلنگ 21 هين صديءَ ۾ انساني غلامي برابر آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ دنيا جي سڀني قومن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته نيب جا پر ڪاٽيا وڃن، ان تي توهان ڇا چوندئو؟ جنهن تي پ پ چيئرمين چيو ته نيب کي ڇڏيو، ان تي ڇا ڳالهائجي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *