لفظ مهاجر گار آهي، ڪنهن جي هندوستان واپسي نٿا چاهيون: خورشيد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته مهاجر لفظ گار آهي، اهو استعمال نه ڪيو مهاجر اهي هوندا آهن جيڪي ڪئمپن ۾ رهن اسان سڀني کي پاڻ سان گڏ رهائينداسين ڪنهن جي هندستان واپسي نٿا چاهيون عمران خان معصوم آهي ۽ سياست ۾ نئون نئون آيو آهي انهن جي الزامن جو مان ڇا جواب ڏيان هن مون تي جيڪي الزام مڙهيا هئا انهن الزامن تي معافيوٺڻ لاءِ نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي 14 ڏينهن ۾ جواب نه ڏنو ويو ته پوءِ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندس هو جمعي تي جناح باغ جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي جلسي ۾ سرڪاري وسيلا استعمال نه ڪيا پيا وڃن ميڊيا وارا جلسي جا انتظام ڪندڙن کان پڇي سگهن ٿا ته انهن کي پئسو سنڌ حڪومت ڏيئي رهي آهي يا پيپلزپارٽي هن چيو ته سيد قائم علي شاهه صوبي جي عوام جي ترقي لاءِ فنڊ جاري ڪري ٿو پر پارٽي لاءِ جاري نٿو ڪري هي فقط پروپيگنڊا آهن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته الطاف حسين پاران پيپلزپارٽي جي جلسي کي خوش آئيند قرار ڏيڻ بهترين قدم آهي سياسي طاقتون هڪٻئي جو احترام ڪن ٿيون هي بهتر عمل آهي سنڌ ۾ انتظامي يونٽن جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي مهاجر سمجهن ٿا مان مهاجر کي گار سمجهان ٿو ڇو ته مهاجر اهو هوندو آهي جنهن کي پنهنجو گهرگهاٽ ناهي هوندو ۽ اهو ڪئمپن ۾ رهندو آهي هندستان مان جيڪي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ آيا اهي سڀ هتان جا رهواسي آهن ۽ اسان ئي انهن کي پنهنجا گهر ڏنا اهي اسان جا ڀائر آهن انهن جو جيئڻ مرڻ هاڻي اسان سان ۽ سنڌ سان آهي انهن کي پنهنجو پاڻ کي مهاجر نه چوڻ گهرجي ۽ نه سمجهڻ گهرجي هن چيو ته هر مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه آهي الطاف بادشاهه ماڻهو آهي انهن جي بيانن کي اسان خراب نٿا سمجهون خورشيد شاهه چيو ته اسان جو جلسو ڪنهن جي حق يا مخالفت ۾ نه آهي 18 آڪٽوبر جي شيهدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ جلسو ڪري رهيا آهيون جلسي ۽ بلاول ڀٽو جي سيڪيورٽي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته الله تعاليٰ جي ذات اسان جي حفاظت ڪندي خورشيد شاهه چيوته ملتان جي اليڪشن ۾ پارٽي جمهوريت لاءِ حصو ورتو ڇو ته بينظير ڀٽو چوندي هئي ته اليڪشن ڪنهن به طرح جي هجي پر ميدان خالي نه ڇڏجي ان کان پوءِ رحمان ملڪ ۽ جهانگير بدر به جلسي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيوته ملتان ۾ عامر ڊوگر جي ڪاميابي پيپلزپارٽي جي ڪري ئي ٿي آهي ڇو ته ماضي ۾ سندس واسطو پيپلزپارٽي سان هو پيپلزپارٽي ته اليڪشن مهم هلائي ئي نه آهي هڪ سوال ۾ هن چيو ته ملڪ کي نوجوان قيادت جي ضرورت آهي 63 سالن جي ڄمار ۾ پاڻ کي نوجوان سمجهندڙ پوڙهي کي نوجوان قيادت کي اڳتي آڻڻ گهرجي پيپلزپارٽي جو جلسو تاريخي هوندو ۽ عوام بلاول ڀٽو جو تاريخي استقبال ڪندو ان موقعي تي جهانگير بدر چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ٽين اڳڀرائي بلاول ڀٽو زرداري ڪئي آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ئي اڳواڻي ۾ ئي پيپلزپارٽي فتح حاصل ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *