لطيف آباد ۾ هڪ هفتي اندر 7 ٻارڙا ارڙي وگهي فوت،20 بيماري ۾ مبتلا،صحت کاتو ننڊ ستل

حيدرآباد (بيورو) صحت جي سهوليتن جي اڻ هوند يا شعور جي گهٽتائي، حيدرآ باد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ هڪ ئي هفتي اندر 7 ٻارڙا ارڙي وگهي فوت ٿي ويا ۽ 20 ٻارڙا ارڙي جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهن. لطيف آباد جي ڳوٺ الهه بخش بروهي ۾ ارڙي جي بيماري پکڙجڻ سبب هڪ ئي قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا 7 معصوم ٻارڙا 4 ورهين جو سليم شيخ، ٻن ورهين جي شهزادي، 5 ورهين جو زبير علي ۽ جان محمد، ٻن جي ورهين جو مصطفي شيخ ، روزينا شيخ ۽ ٽن ورهين جو اڪبر تڙپي تڙپي گهرن ۾ ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺ ۾ وبائي بيماري پکڙجڻ سبب 20 معصوم ٻارن جي زندگي اڃا به خطري هيٺ آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته 4 ڏينهن اڳ انهن ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سان ملاقات ڪري کيس وبائي بيماري متعلق لکت ۾ درخواست پڻ ڏني، جنهن  ۾ کيس اهو چيو ويو ته ڳوٺ ۾ صحت کاتي سان لاڳاپيل ٽيم کي موڪليو وڃي پر ان باوجود ڪابه صحت کاتي جي ٽيم توڙي ضلعي انتظاميه جي ٽيم ڳوٺ نه پهتي آهي، ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته هو مزدور طبقي سان تعلق رکندڙ آهن، جنهن ڪري کين ڪرائي جا پئسا به ناهن جو هو ٻارڙن کي حيدرآباد جي اسپتال کڻائي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *