لبرل آهيان نه ئي ڪرپٽ ۽ منافق، عمران جي سڃاڻپ يوٽرن ۽ منافقت آهي: بلاول زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي ڪا سڃاڻپ آهي ته اها يوٽرن، منافقت ۽ ڪٺ پتلي آهي. وزيراعظم عمران خان طرفان تنقيد تي جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان نه لبرل آهيان، نه ڪرپٽ ۽ نه منافق آهيان، مان ترقي پسند ۽ نظرياتي آهيان، هڪ سال کان سياست ۾ آهيان. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان هزارا موٽر وي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته بلاول پاڻ کي لبرل چوندو آهي، هو لبرل ناهي پر لبرٽي ڪرپٽ آهي، بلاول جي ٿيوري کان ته آئنسٽائن به گهٻرائجي ويو آهي، جڏهن مينهن وسندو آهي ته پاڻي ايندو آهي، آئنسٽائن جو روح ان وقت وڌيڪ تڙپيو هوندو، جڏهن بلاول چيو ته گهڻو مينهن وسندو آهي ته گهڻو پاڻي ايندو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ پ پ چيئرمين وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان 70 سالن جا پيرسن آهيو، 20 سالن کان سليڪٽڊ سياست ڪندا پيا اچو، جيڪڏهن توهان جي ڪا سڃاڻپ آهي ته اها يوٽرن، منافقت ۽ ڪٺ پتلي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *