
چين (اسپورٽس نيوز) هونئن ته دنيا ۾ ڪيترائي رانديگر رند جي ميدان ۾ پنهنجي اهليت مڃرائيندا آهن ۽ شهرت به ماڻيندا آهن پر چين سان تعلق رکندڙ باسڪٽ بال جي هڪ رانديگر لاڳيتو 6 ڀير بال کي ڄاري ۾ وجهي عالمي رڪارڊ جوڙي ڇڏيو آهي.چيني صوبي شان ڪشي جي هڪ اسٽيڊيم ۾ باسڪٽ بال جي رانديگر زو چينگ ڪنگ وڏي مهارت سان اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو۽ پنهنجو نالو گينز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ لکرايو.