لاڙڪاڻي ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري حيسڪو ۽ سيپڪو آفيسر پنهنجي نااهلي جو بار عوام تي وجهي رهيا آهن: مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سيد مراد علي سنڌ جي خزاني ۽ توانائي واري وزير سيد مراد علي شاهه اندرون سنڌ خاص طور تي لاڙڪاڻي ڊويزن ۽ نئون ديرو ۾ 18 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ان کي سيپڪو جي آفيسرن جي نااهلي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته سيپڪو ۽ حيسڪو آفيسر پنهنجي نااهلي جو ٻوجهه سنڌ جي عوام تي وجهندا ته سنڌ حڪومت عوامي مفاد جي تحفظ لاءِ مداخلت ڪندي. صوبائي وزيرمراد علي شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سيپڪو آفيسرن گهٽ رڪوري جو جواز ڄاڻائي سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ زيادتين جو سلسلو جاري رکيو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته حيسڪو ۽ سيپڪو آفيسرن ملي ڀڳت ڪري بجلي چوري ڪرائي رهي آهي ۽ ان جو ٻوجهه عوام تي وڌو پيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن لاڙڪاڻي ۽ خاص ڪري نئون ديرو ۾ 18 ڪلاڪن  جي لوڊشيڊنگ اتان جي عوام جي زندگي آزار بڻائي ڇڏي آهي ۽ اتان جي روزمرهه جي زندگي بري طريقي سان متاثر آهي. هن چيو ته گهٽ ريڪوري کي جواز ڄاڻائي 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪري سنڌ جي عوام سان زيادتي آهي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ريڪوري ڪرڻ سيپڪو ۽ واپڊا جي ذميواري آهي جڏهن ته پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ان جو ٻوجهه عوام تي وڌو پيو وڃي. هن تنبيهه ڪندي چيو ته اندورن سنڌ خاص ڪري لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي ۽ اتي به اهڙي ئي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي جهڙي طرح ملڪ جي ٻين صوبن جي شهرن ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايئن نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت عوام جي مفاد ۾ ان ۾ مداخلت ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *