لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 پوليس اهلڪار قتل، آئي جي سنڌ نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ٻن پوليس اهلڪارن کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ پروفيسر ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار داد محمد مغيري ۽ ذوالفقار قتل ٿي ويا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي پوليس اهلڪار قمبر جي باگو ديرو واري علائقي جا رهواسي هئا، جيڪي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي. هوڏانهن آءِ جي سنڌ ڪليم امام واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان واقعي ۽ پوليس جي ايڪشن جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *