لاڙڪاڻي اچڻ لاءِ نثار کهڙو جي اين او سي جي ضرورت ناهي: شاهه محمود قريشي

لاڙڪاڻو (بيورو) تحريڪ انصاف جي ڊپٽي چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي سنڌ ۾ اچڻ لاءِ نثار کهڙُ کان اين او سي نه گهرجيلاڙڪاڻي جي عوام اڄ جلسي ۾ شرڪت ڪري نثار کهڙو کي رد ڪري ڇڏيو آهي شاهه محمود قريشي جلسي جي عوام کي خطاب ڪندي چيو ته آئون 32 سالن کان عملي سياست ۾ آهيان مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت اوهان سان ڇا ڪري رهي آهي ڪنهن به سنڌ جي غريب جي حالت نه بدلجي سگهي آهي هن چيو ته منهنجي سنڌ بکايل، سڪايل ۽ اجڙيل آهي اوهان کان ووٽ وٺڻ وارا ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن آئون اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا لاڙڪاڻي ۾ هارين کي انهن جا حق ملي رهيا آحن ڇا سنڌ ۾ ڪنهن جي جان محفوظ آهي ڇا ڌاڙيلن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي، ڇا ڪو ٺيڪو ڪميشن کان بغير ڏنو وڃي ٿو هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۾ نه هاڻ ڪو ڀٽو آهي ۽ نه ئي ان جوفلسفو آهي. پ پ زرداري جي پارٽي بڻجي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *