لاڙڪاڻو: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪورونا وائرس وگهي حياتي وڃائي ويٺو

لاڙڪاڻو ( م.ڊ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪورونا وائرس وگهي حياتي وڃائي ويٺو.سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سکر جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر روشن علي ڪنڀر ڪورونا وائرس سبب لاڙڪاڻي واري گهر ۾ آئيسوليشن ۾ هو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو 45 ورهين جو آفيسر روشن علي ڪنڀر رتوديرو جي ڀُٽا وانڍ پاڙي جو رهواسي هو، سندس مڙهه لاڙڪاڻي کان رتوديرو منتقل ڪيو ويو آهي، ايڌي رضاڪار فوتي جي گهر پهچي غسل ڪرائڻ بعد پلاسٽڪ ۽ ڪپڙي جو ڪفن ڏئي سڄي گهر ۾ اسپري ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان مبارڪ شاهه ۾ دفنايو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا ڪجهه آفيسر به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آهن. واضح رهي ته لاڙڪاڻي ضلعي اندر ڪورونا وائرس جا ڪيسز هڪ سئو تائين پهچڻ وارا آهن، ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڙڪاڻي شهر جا ڪجهه پاڙا به سيل ڪيا ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *