لاوارٽ پارٽين جا اتحاد پ پ کي لوڏي نه ٿا سگهن، ناڪامي سندن مقدر آهي: چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات کاتي بابت صلاحڪار مولابخش چانڊيو پاران غير سرڪاري نتيجن موجب سانگهڙ جي بلدياتي چونڊن پ پ پ جي نمائندن کي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته سانگهڙ جو عوام پ پ پ جي اميدوارن کي کٽائي پارٽي قيادت، پاليسين ۽ سنڌ حڪومت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته مخالفن جا سڀ حربا ناڪام ٿي ويا. صوبائي صلاحڪار چيو ته عوام پاران مسترد ڪيل ۽ لاوارث پارٽيون پ پ پ خلاف جيترا به اتحاد ٺاهن انهن جي مقدر ۾ ناڪامي لکيل آهي، ڇوته پ پ پ ئي واحد سياسي جماعت آهي جنهن جي قيادت کان وٺي ڪارڪنن تائين تاريخ لازوال قربانين سان ڀريل آهي. هن چيو ته عوام جي حقن لاءِ جدوجهد، جمهوري ادارن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ آمرن جو مقابلو صرف پ پ پ ڪيو آهي. آمريت جي سائي ۾ پلجندڙ جيترا چاهن الائنس ٺاهن پر عوام ڪڏهن به انهن جي سپورٽ نه ڪندو. هن چيو ته سانگهڙ ۾ سالن کان کٽيندڙن عوام لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ۽ هاڻي پ پ پ جا  عوامي نمائندا مثالي ترقياتي ڪم ڪندا. اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار  پولنگ دوران امن وامان جي صورتحال کي برقرار رکڻ تي رينجرز ۽ پوليس جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. هن وڌيڪ چيوته نوان چونڊيل پ پ پ جا اميدوار عوام جا مسئلا حل ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *