لاهور ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪري پئي، 12 مزدور دٻجي فوت، 150 کان وڌيڪ زخمي

لاهور(بيورو) سندر انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ سبب  12 مزدور دٻجي فوت.جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، فيڪٽر جي ڪريل ملبي مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش جاري،وڏي نقصان جو خدشو.لاهور جي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي،ميڊيا رپورٽ مطابق فيڪٽري جي ملبي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ وڏي مشينري نه هجڻ سبب  مٽي جي ڍير ۾ ڦاٿل ماڻهو زور سان رڙيون ڪري مدد لاءِ آواز ڏئي رهيا آهن.پلاسٽ جا ٿيلها ٺاهڻ واري فيڪٽري جي ٽئين منزل جي ڇت تي ڪم هلندڙ هو،جنهن دوران ڇت اوچتو ڪري پئي ۽ عمارت جون چارئي منزلون زمين تي پٽ ٿي ويون.ڊي سي لاهور پاران اسپتال ايمرجنسي لاڳو ڪري انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.شريف ميڊيڪل ڪامپليڪس، جناح اسپتال ۽ جنرل اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *