لاهور ڌماڪي ۾ مارجي ويل 7 ڄڻن جا لاش سانگهڙ آندا ويا، گهرن ۾ ڪهرام متل

سانگهڙ/لاهور(م.ڊ)  لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جو هڪ وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سانحي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 72 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 300 کان وڌيڪ زخمي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، مارجي ويلن ۽ زخمين ۾ وڏو انگ عورتن توڙي ٻارڙن جو آهي، جڏهن ته 54 ڄڻن جا مڙهه سڃاڻپ کانپوءِ سندن وارثن حوالي ڪيا ويا، اسپتالن ۾ داخل مريضن لاءِ انتظاميا پاران اڃا به رت جي عطيي جون اپيلون ڪيون پيون وڃن،گذريل ڏينهن شا م جو پوڻين ستين وڳي لاهور جي گلشن قابل پارڪ ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ 71 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا هئا.لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ سنڌ مان تفريح لاءِ ويل هڪ ئي ڪٽنب جي چئن ڀاتين سميت 7 ڄڻا به شهيد ٿي ويا، جن ۾ 3 ٻارڙا به شامل آهن، جڏهن ته زخمي 10 ڄڻن جو لاهور جي مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي. لاهور آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ کڏڙي جي ڳوٺ فقير جي کُهي جو رهواسي 40 ورهين جو فيض محمد چانهيو، سندس 8 ورهين جي ڌيءُ ثمينه، صدف ۽ ڏُوهٽي ياسمين شهيد ٿي ويا. فيض محمد چانهيو جا 4 گهر ڀاتي زخمي پڻ ٿي پيا آهن، جن ۾ فراز، شهباز، ثبينا ۽ تهمينه شامل آهن، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ فيض محمد چانهئي جي گهر واري نجمه گم ٿي وئي هئي، جيڪا پڻ زخمي حالت ۾ لاهور جي شيخ زيد اسپتال مان هٿ اچي وئي آهي. سانگهڙ واسي جوڙو غلام حسين عرف شاني خاصخيلي ۽ سندس گهرواري شهناز  ۽ نصرپور جي ٽــَنڊَي سومرَي  جو رهواسي علي عباس نظاماڻي به شهيدن ۾ شامل آهن، جڏهن ته  ٽــَنڊَي سومرَي  جو رهواسي سخاوت نظامي ۽ سندس 3 پٽ ۽ ڀاڻيجو به زخمي حالت ۾ لاهور جي اسپتال ۾ داخل آهن. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل کڏڙي ۽ نصرپور واسي 10 ڄڻن جو لاهور جي مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي، جڏهن ته 7 شهيدن جا لاش ايمبولينسز ذريعي سندن اباڻن علائقن ڏانهن آندا پيا وڃن. کڏڙي، نصرپور  ۽ سانگهڙ ۾ لاهور ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن پاران تڏا وڇايا ويا آهن ۽ شهرن ۾ سوڳ ڇانيل آهي. شهيد ٿي ويا جن جا لاش لاهور مان ٽن ايمبولينسن ذريعي کڏُڙو ويجهو ڳوٺ فقير جي کوهي آندا ويا ته قهرام مچي ويو اُڀ ڏاريندڙ دانهون ۽ ڪوُڪون هنيون ، وارث لاشن کي چنبڙي زارو قطار روئيندا رهيا جڏهن ته سانحي ۾ نجمه چانيهو ، فراز چانيهو ، شيراز چانيهو ، سائره خاصخيلي شامل آهن جيڪي لاهور ۾ علاج هيٺ آهن، لاهور سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز سڀاڻي   9 وڳي ادا ڪئي ويندي ، ميڊيا سان ڳالهائيندي شهيد فيض محمد چانيهو جي والد محمد رحيم ٻڌايو ته سندس پُٽ لاهور ۾ پنهنجي سالي غلام حسين وٽ وٽ ويل هو جيڪو ڪجهه عرصو اڳ لاهور شفٽ ٿيو هو ۽ هُنن باس هُئي جنهن لاءِ هو داتا دربار ويا هُئا ۽ جنهن بعد پارڪ گهُمڻ ويا ۽ اهو واقعو پيش آيو، منهنجو پُٽ ۽ سندس ٻارڙا شهيد ٿي ويا ۽ سندس گهر واري ۽ پُٽ زخمي آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *