لاهور: پلازه ۾ باهه لڳڻ سبب 12 ڄڻا سڙي فوت

لاهور (بيورو) لاهور ۾ انارڪلي پلازه ۾ باهه لڳڻ سبب 12 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جار ي آهي. لاهور جي انارڪلي پلازه جي هيٺين منزل ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عمارت ۾ پکڙجي وئي، فائربرگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعو واري هنڌ پهچي ويو، ڦاٿن ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪڍيو ويو پر انهيءَ دوران 12 ڄڻا زخمي ۽ ساهه گهٽجڻ سبب فوت ٿي ويا. پلازه ۾اڃا تائين ڪيترائي ماڻهون ڦاٿل آهن جن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ٻئي پاسي ايم ايس ميو اسپتال جوچوڻ هو ته باهه سبب سڙيل 13 ماڻهن کي اسپتال آندو ويو جن ۾ 12 ماڻهو پهريان ئي فوت ٿي ويا هئا جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي جڏهن ته مرندڙن جي سڃاڻپ مظهر، سيد شيراز، وليد، ثناءُ الله، نعمان، اعظم، عتيق ۽ محمد اعظم جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته وڏي وزير شهباز شريف باهه جو نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *